Wednesday, 30 July 2014

MB Sindhi



ايم بي سنڌي ونڊوز ۸ لاءِ

ونڊوز ۸ ۾ سنڌي ٻولي لاءِ  سپورٽ ته آهي، پر ڪي بورڊ مهيا ڪونه ڪيو ويو آهي. ڪجھ عرصو اڳ عزيزم شبير ڪنڀار منهنجي چوڻ تي ان لاءِ  ڪيبورڊ ٺاهيو هو جيڪو حاضر خدمت آهي. انسٽال ڪيو ۽‌ ونڊوز ۸ ۾ سنڌي استعمال ڪيو.

هتي ٽڙڪ ڪري فائيل پنهنجي ڪمپيوٽر تي لاهيو

ايم بي سنڌي ونڊوز لاءِ

هي سنڌي انسٽالر ونڊوز  لاءِ ٺاهي، اوهان جي استعمال لاءِ مهيا ڪيو ويو آهي، جنهن جي وسيلي هاڻي دنيا جي ڪنهن به پرسنل ڪمپيوٽر ۾ مناسب سنڌي سپورٽ انسٽال ڪري، ان ۾ سنڌي ۾ ڪم ڪري سگھجي ٿو. ونڊوز لاءِ انسٽالر مون ٺاهي ۽ ٽيسٽ ڪري به ڏٺو اٿم. هي انسٽالر ونڊوز 7 ۽ ان کان اڳ جي ونڊوز لاءِ آهي.

هتي ٽڙڪ ڪري فائيل پنهنجي ڪمپيوٽر تي لاهيو

ايم بي سنڌي ايپل لاءِ

هي سنڌي انسٽالر  ايپل مئڪنٽوش لاءِ ٺاهي، اوهان جي استعمال لاءِ مهيا ڪيو ويو آهي، جنهن وسيلي هاڻي دنيا جي ڪنهن به ايپل پرسنل ڪمپيوٽر ۾ مناسب سنڌي سپورٽ انسٽال ڪري، ان ۾ سنڌي ۾ ڪم ڪري سگھجي ٿو. هي انسٽالر مئڪنٽوش لاءِ انسٽالر مون ٺاهي ۽ ٽيسٽ ڪري به ڏٺو اٿم.

پروگرام هتي ٽڙڪ ڪري اتاريو

ايم بي سنڌي ابنٽو لاءِ

هي سنڌي انسٽالر ابنتو لاءِ ٺاهي، اوهان جي استعمال لاءِ مهيا ڪيو ويو آهي، جنهن جي وسيلي هاڻي دنيا جي ڪنهن به پرسنل ڪمپيوٽر ۾ مناسب سنڌي سپورٽ انسٽال ڪري، ان ۾ سنڌي ۾ ڪم ڪري سگھجي ٿو. هي انسٽالر اُبنٽو جي نئين ورشن 10.04 ۾ ٽيسٽنگ ڪيل آهي ۽ مون ان سسٽم ۾ سنڌي لاءِ بهترين سپورٽ ڏٺي آهي. ان ۾ فري اوپن آفس به آهي جنهن ذريعي سنڌي ڊاڪومينٽز، ڪتاب، پريزينٽيشن ۽ ويب پيج آساني سان ٺاهي سگھجن ٿا.

پروگرام هتي ٽڙڪ ڪري اتاريو

ايم بي سنڌي ريڊ هيٽ لاء



هي سنڌي انسٽالر ريڊ هيٽ لِنڪس لاءِ ڪجھه ورهيه اڳ عبدالرحيم نظاماڻي صاحب ٺاهيو هو، جنهن وسيلي هاڻي دنيا جي ڪنهن به پرسنل ڪمپيوٽر جنهن ۾ ريڊ هيٽ هجي ان ۾ مناسب سنڌي سپورٽ انسٽال ڪري، ان ۾ سنڌي ۾ ڪم ڪري سگھجي ٿو


 پروگرام هتي ٽڙڪ ڪري اتاريو

وڌيڪ فانٽ هيٺ پيڪ رکجن ٿا جن کي اوهان ڊائون لوڊ ڪري سگھو ٿا.

 Download 

عبدالماجد ڀرڳڙي جو فونٽ پيڪ ٽي فونٽ

 Download 

عبدالستار سمون (زرگر) جو فونٽ پيڪ چار فونٽ

 Download 

شبير ڪنڀار جو فونٽ پيڪ  ٻارنهن فونٽ

 Download 

عبدالعزيز مڱريو جو فونٽ پيڪ نو فونٽ

 Download 

ثناءُالله منڱڻيجو سارم جا سنڌي فونٽ

 Download 

پاڪ ٽائيپ سنڌي فونٽ نقش ۽ تحرير



ايم بي سنڌي انسٽال ڪرڻ جي سکيا وڊيو

 

0 comments:

Post a Comment